رانديون

هانگ ڪانگ ٽي 20 ٽورنامينٽ ۾ 5 پاڪستاني ويمن ڪرڪيٽر شامل

هانگ ڪانگ ۾ رٿيل ٽي 20 ٽورنامينٽ 2023ع ۾ پاڪستان جون 5 ويمن ڪرڪيٽر شامل ڪيون ويون آهن. ميڊيا مطابق فيئر بريڪ انوٽيشنل ٽي 20 نالي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان مان ثنا مير، بسما معروف، عاليا رياض، فاطما ثنا ۽ ڊيانا بيگ کيڏنديون، جن کي مختلف ٽيمن ۾ جڳهه ڏني وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ، ٽي 20 ٽورنامينٽ 3 اپريل کان 16 اپريل تائين کيڏيو ويندو، جنهن ۾ پاڪستاني ويمن ڪرڪيٽرز کي صلاحيتون آزمائڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button