جمهوريا چيڪ جي عالمي نمبر 12 ٽينس اسٽار پيٽرا ڪويٽووا قزاقستان جي رانديگرياڻي ايلانا ريباڪنا کي شڪست ڏئي 2023ع جي چيمپيئن بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق ويمنز سنگلز جي فائنل ۾ پيٽرا ڪويٽووا انتهائي دلچسپ مقابلي بعد ايلانا ريباڪنا کي 7، 6 ۽ 6، 2 تان شڪست ڏئي
ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي تھ پيٽرا ڪويٽووا جي ڪيريئر ۾ هي 30 ڊبليو ٽي اي جو ٽائيٽل آهي.