رانديون

آسٽريلوي ويمنز ڪرڪيٽر بھ ملين ڊالر ڪمائي سگهنديون…!

آسٽريليا جي عورت ڪرڪيٽرن جي معاوضن ۾ وڏي پيماني تي واڌ آڻي انهن کي ملين ڊالر ڪمائڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويا آهن. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ آسٽريليا ويمنز ڪرڪيٽرن جي معاوضن جي ڏس ۾ نئين ڪانٽريڪٽ جو ايم او يو تيار ڪري صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن تحت ويمن بگ بيش ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرياڻين جي معاوضن کي 8 لک ڊالر ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ ويمن بگ بيش جي فاتح ٽيم جي رقم بھ ٻيڻي ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ڪرڪيٽ آسٽريليا سان ڳالهين ۽ ڪانٽريڪٽ جي ايم او يو تي صحيحن بعد ڳالهائيندي پليئرس ايسوسيئيشن جي سي اي او ٽوڊ گرين برگ چيو آهي تھ ڀارت وڃي ويمن پريميئر ليگ ۾ دولت ڪمائيندڙ چوڪرين کي هاڻ مقامي طور ملين ڊالر ڪمائڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويا آهن، هن ايم او يو سان ڇوڪرين ۾ ڪرڪيٽ بابت دلچسپي وڌائي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button