رانديون

فلسطين ۾ فٽبال ليگ جي فائنل ۾ اسرائيل جي شيلنگ، ماڻهن ۾ ڀاڄ

فلسطين جي والاريل يروشلم واري علائقي ۾ فلسطين فٽبال ليگ ڪپ جي فائنل واري مقابلي دوران اسرائيلي فوجن جارحيت جو مظاهرو ڪندي ميدان جي اندر شيلنگ ڪري ڏني آهي، جنهن سبب ڪيترائي رانديگر متاثر ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق فيصل الحسيني اسٽيڊيم ۾ فائنل مقابلي دوران ٽيمن مرڪز هلاتا ۽ جبل المڪابر وچ ۾ ميچ جاري هئي تھ اسرائيلي فورسز حملو ڪري شديد شيلنگ ڪري ڏني، جنهن سبب رانديگرن ۽ تماشائين جي اکين ۾ ساڙو ٿيڻ سان گڏ سندن چهرن کي نقصان رهيو آهي، انتظاميا سندن نابين ٿيڻ جو خدشو ڏيکاريو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ شيلنگ سبب رانديگرن جون اکيون سڄي ويون، ساهه گهٽجڻ سبب پريشان ٿي ويا ۽ شوقينن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

اسرائيلي شيلنگ ۾ رانديگر متاثر ٿيڻ جو ڏيک

اسرائيلي حملي وقت ترڪي جو قونصل جنرل احمد رضا ۽ پي ايف اي جو صدر جبريل الرجوب بھ موجود رهيا، پر خوشقسمتي سان ڪوبھ جاني نقصان نھ ٿيو آهي. هوڏانهن فلسطين فٽبال ايسوسيئيشن بيان جاري ڪري ميچ جي ٻئي هاف ۾ حملي جي دعوا ڪئي، بعد ۾ ميچ ٻيهر منعقد ڪئي وئي. پي ايف اي جو چوڻ آهي تھ حملي جو مقصد رانديگرن ۽ تماشائين کي نقصان ڏيڻ هو، اسان جي خيال ۾ هي نازي آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button