رانديون

ريسلنگ جي ڊبليو ڊبليو اي کي مخالف ڪمپني خريد ڪري ورتو

ريسلنگ جي دنيا جي مشهور ڪمپني ڊبليو ڊبليو اي کي مخالف ڪمپني خريد ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق اينڊيور گروپ پاران ڊبليو ڊبليو اي کي خريد ڪرڻ بعد سندس ڪل ملڪيت 21 ارب ڊالر ٿي وئي آهي، جنهن ۾ يو ايف سي 12.1 ڊالر ۽ ڊبليو ڊبليو اي جا 9.3 ڊالر اينڊيور گروپ جي اثاثن ۾ شامل ٿيا آهن. جڏهن تھ ڊبليو ڊبليو اي جي وڪري بعد ونس مڪموهن جو راڄ ختم، پاليسيون بھ نيون جڙنديون. ياد رهي تھ ڊبليو ڊبليو اي کي ونس مڪموهن 2 ڏهاڪا اڳ پنهنجي والد کان خريد ڪري ان کي هڪ سلطنت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو، جنهن تان سندس حاڪميت ختم ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button