رانديون

نيوزيلينڊ خلاف اسڪواڊ بابت بابر سان مشاورت، ون ڊي لاءِ وينيوز جو اعلان

پي سي بي اختيارين نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ ڪپتان بابراعظم سان بھ مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي، امڪان آهي تھ هڪ ٻن ڏينهن ۾ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويندو. ميڊيا مطابق پي سي بي جي سليڪشن ڪاميٽي سيريز جي ڏس ۾ تيارين کي بھ حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڪپتان بابراعظم سان مشاورت ڪرڻ بعد توازن واري اسڪواڊ جو اعلان هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ پي سي بي جي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي پاران نالن جي منظوري ڏيڻ بعد اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويندو. ذريعن ٻڌايو تھ سليڪشن ڪاميٽي ۽ ڪپتان وچ ۾ ٽي 20 ۽ ون ڊي جي رانديگرن جي نالن تي مشاوت ڪئي وئي آهي. پي سي بي موجب ون ڊي سيريز جي ٻن ميچن جي ميزباني پنڊي کي ڏني آهي، باقي 3 ميچ ڪراچي ۾ ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button