رانديون

تيجل جون 5 وڪيٽون،آئرلينڊ 214 رنسن تي ڍير، بنگلاديش جا 34 تي 2 آئوٽ

بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن تي آئرلينڊ جي ٽيم 214 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن ۾ بنگلاديشي بالر تيجل اسلام 5 شڪار ڪري اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ميڊيا مطابق بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن بالر مجموعي طور تي 12 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. آئرلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ هيري ٽيڪٽر 50 رنسن سان نمايان رهيو، لورڪن ٽڪر 37، ڪرٽس ڪيمفر جي 34 رنسون ٺاهيون، پر باقي بيٽر ڄمي نھ بيٺا ۽ سڄي ٽيم 214 رنسن تي ڍير ٿي وئي، بنگلاديش جي بالرن تيجل 5 وڪيٽون ورتيون، مهدي حسن ۽ عبادت حسين بھ 2،2 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهائي ورتو. جڏهن تھ بنگلاديش بھ پهرين اننگز ۾ رڳو 34 رنسن تي پنهنجا 2 ئي اوپنر وڃائي ڇڏيا آهن، جن ۾ نجم الحسن شنٽو ٻڙي تي آئوٽ ٿيو ۽ تميم اقبال 21 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، راند ختم ٿيڻ وقت مومن الحق 21 رنسن سان ڪريز تي موجود هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button