پاڪستانسنڌ

جمهوريت سان ڪڏهن جنرل ٿا کيڏن ٿا ته ڪڏهن جج:شازيه مري

ٽنڊوآدم: وفاقي وزير ۽ بي آئي ايس پي جي چيئرپرسن شازيه عطا مري چيو آهي ته ملڪ ۾ اڄ به هڪ لاڏالي جو ڪانسيپٽ پيو هلي ۽ ان کي ئي تحفظ پيو ملي، غريبن جي پارٽي کي انصاف نه پيو ملي، جڏهن ته اي ٽي ايم مشين پارٽي وارن کي انصاف پيو ملي. اهڙن خيالن جو اظھار هن ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ مير حسن مري ۾ شھيد ڀٽو جي 44 ورسي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته شهيد ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو، جنهن جي حوالي سان اڳوڻي صدر ٻيهر جائزي لا نظرثاني درخواست 2011ع ۾ داخل ڪرائي، پر اڄ تائين ان تي سماعت ناهي ٿي، غريبن جا ڪيس اڄ به نٿا هلن، پ پ کي سدائين عدالتن مان سٺا فيصلا ناهن مليا، پر اسان انهن کي به قبول ڪيو آھي، پاڪستان جي جمهوريت سان ڪڏهن جنرل ٿا کيڏن ته ڪڏهن جج ٿا کيڏن، اڄوڪي عدالتي فيصلي ٻڌائڻ واري تاريخ تي به سواليا نشان آھي، اسان ملڪ ۾ دهشتگردي تي ڪنٽرول ڪيو، پر نيازي حڪومت 4 سالن دوران انهن دهشگردن کي جيلن مان آزاد ڪرايو. هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ تي روز حملا پيا ٿين، پارليامينٽ قانونسازي ڪري ٿي ته ان کي تسليم نٿو ڪيو وڃي، جنهن سان انتشار وڌڻ جا خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا. عوام چاهي ٿو ته اسان جا مسئلا حل ٿين پر عمران خان چاهي ٿو ته کيس اقتدار ملي، هن وقت اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان لا سوچڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button