رانديون

نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ عمر اڪمل جو نالو ڇو شامل ناهي؟ ڪامران اڪمل

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين ڪامران اڪمل پنهنجي ڀاءُ عمر اڪمل کي نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ اسڪواڊ جو حصو نه بڻائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.سوشل ميڊيا چينل تي ڳالهائيندي اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ٽي-ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي، ان ۾ عمر اڪمل جو نالو ڇو شامل ناهي؟

عمر اڪمل گذريل سال ڏکين حالتن ۾ ڪرڪيٽ کيڏيو ۽ هن سال جڏهن موقعو مليو ته ٽيم لاءِ کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي پر موقعو نه ڏنو ويو. هن چيو ته مون کي وضاحت ڪرڻ يا ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي، سڀني کي چڱي ريت خبر آهي ته کيس ٽيم جو حصو ڇو نه بڻايو پيو وڃي، عمر اڪمل کي خوشامد ڪرڻ جي عادت ناهي ان ڪري هو سليڪشن ڪندڙن جي اکين ۾ ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button