رانديون

ليونل ميسي کي به سعودي عرب جي فٽبال ڪلب طرفان کيڏڻ جي آڇ

رياض: پرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو کانپوءِ ارجنٽائن لاءِ فيفا ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ليونل ميسي کي به سعودي عرب جي فٽبال ڪلب طرفان کيڏڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي. خليج ٽائمز جي رپورٽ موجب مشهور اطالوي فٽبال صحافي فابريزيو رومانو انڪشاف ڪيو آهي ته سعودي ڪلب الهلال مبينا طور تي ليونل ميسي کي هر سال 400 ملين يورو جي معاوضي جي آڇ ڪئي آهي.

ميسي هن سيزن جي آخر ۾ فرانسيسي فٽبال ڪلب پيرس سينٽ جرمين ڇڏڻ جو ارادو رکي ٿو. ٻئي طرف خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ميسي يورپ جي ڪنهن ڪلب لاءِ کيڏڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن ليونل ميسي سعودي ڪلب جي آڇ کي قبول ڪري ٿو ته هو پنهنجي مخالف ڪرسٽيانو رونالڊو سان گڏ شامل ٿيندو، جيڪو اڳ ۾ ئي النصر جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button