پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر لڳ چائنا ڪلي فئڪٽري ۾ ڪرنٽ سبب مزدور فوت

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ڀوڏيسر ۾ جڙيو ڀٽي جي چائنا ڪلي فئڪٽري تي ڪم ڪندڙ مزدور 31 سالن جو چئن ٻارن جو پي ويرجي پٽ ڀگوانو ڪولھي فئڪٽري ۾ لڳل بجلي جي پول مان ڪرنٽ لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو. فوتي جي والد ڀگوانو ڪولهي صحافين کي ٻڌايو ته منھنجو پٽ فئڪٽري تي مزدوري ڪندو ھو، فئڪٽري ۾ ٻاھر روشني لا لائٽون لڳل آھن، انھن لائيٽن جي پول ۾ وائر شارٽ ٿيل ھئي، جنھن جي منھنجي پٽ کي خبر نه ھئي، ھن جئين ڪم دوران پول کي ھٿ لاٿو ته کيس ڪرنٽ لڳي ويو ۽ زخمي ٿي پيو. هن ٻڌايو ته آئون گھر ھئس، مون کي اطلاع مليو ته اسپتال پھچي ويس. ننگرپارڪر پوليس مون وٽ پڇا ڳاڇا لا آئي ھئي، جنھن کي سمورو معاملو ٻڌائي ڇڏيو آھي. ٻئي طرف چائنا ڪلي فئڪٽرين تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي فئڪٽري مالڪن طرفان سيفٽي ۽ سيڪيورٽي بابت آگاھي نٿي ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button