پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ زخمي صحافي جي حالت خراب، جوابدار گرفتار نه ٿيو، مظاهرا

مٺي/ڇاڇرو: ڇاڇرو ۾ حملي ۾ زخمي ٿيل صحافي عبدالجبار نهڙيو کي حالت خراب ٿيڻ تي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، پوليس اڃا تائين مک جوابدار کي گرفتار نه ڪيو. پيپلز يوٿ آرگنائيزر جي صدر واقعي جي جاچ لا 2 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي. ان سلسلي ۾ ڇاڇرو جي صحافي عبدالجبار نهڙيو تي حملي ۽ ڦر ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي بااثر اقتداري ڌر جي پٺڀرائي حاصل هئڻ ڪري پوليس گرفتار ڪري نه سگهي آھي، جنهن ڪري صحافي برادري سراپا احتجاج بڻيل آھي جڏهن ته زخمي صحافي عبدالجبار نهڙيو کي دماغ جو زوردار ڌڪ لڳل هئڻ ڪري سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي، جنهن کي ڊاڪٽرن ڇاڇرو تعلقي اسپتال کان حيدرآباد ريفر ڪيو آھي. ٻئي طرف مٺي جي صحافين ممتاز نهڙيو، اعجاز بجير، امتياز ڌاراڻي، ساحل ٻالاڻي، غازي نهڙيو، ساجد بجير، لياقت نهڙيو، حنيف بجير، ايل جي راٺوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صحافين احتجاجي مظاهرو ڪري ڪشمير تي ڌرڻو هنيو ۽ حڪومتي ڌر جي ڏاڍ خلاف نعريبازي ڪئي. جڏهن ته احتجاج ۾ سول سوسائٽي جا اڳواڻ پڻ شامل ٿي ويا. ان موقعي تي صحافي اڳواڻن ڳالهائيندي الٽيميٽم ڏنو ته حملي ۽ ڦر جي جوابدارن کي 24 ڪلاڪن اندر گرفتار نه ڪيو ويو ته سڄي ضلعي جا صحافي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻندا. هنن چيو ته سينيئر صحافي عبدالجبار نهڙيو تي حملي ۽ ڦر جي جوابدارن کي اقتداري ڌر جي سرپرستي حاصل هجڻ ڪري پوليس مجبور بڻيل آھي، صحافي تي قاتلاڻي حملي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا آھن، جمهوريت جي دعويدار اقتداري ڌر صحافي تي حملي جي جوابدارن کي بچائڻ ۽ صحافين کي هيسائڻ لا سرگرم آھن، ٿر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران عدالت تائين پهچائڻ لا پروٽوڪول ڏيڻ ۾ رڌل آھي. هوڏانهن پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن جي صوبائي صدر جاويد ناياب لغاري صحافي عبدالجبار نهڙي تي حملو ڪندڙ يوٿ آرگنائيزيشن جي عهديدار خلاف تنظيمي ڪارروائي لا 2 رڪني ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. ان حوالي سان جاويد ناياب لغاري چيو آهي ته پ پ آزاد صحافت ۽ اظهار جي آزادي تي يقين رکي ٿي، پارٽي جي نظرياتي لائين کان ٻاهر ڪم ڪندڙ عهديدارن خلاف ڪارروائي ڪنداسين، جوڙيل ڪميٽي کي ٽن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ پابند بڻايو ويو آهي. ٻئي پاسي ڇاڇرو پريس ڪلب ۾ صحافين جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صحافين چيو ته هڪ استاد سياسي پارٽي جو عهديدار آهي، تعليم کاتي جي صوبائي وزير کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. صحافين صوبائي وزير سردار علي شاهه کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ استادن کي نوڪري تان فارغ ڪيو، پر استاد سياسي پارٽين جا عهديدار ٿي ويٺا آهن، اهو ٻٽو معيار آهي. صحافي عبدالجبار نهڙيو تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ محمد رحيم مڱريو کي برطرف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button