پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ “سنڌ ايڪسپريس” رپورٽر تي حملي خلاف مظاهرو

ٽنڊوالهيار/مسڻ وڏي : مسڻ وڏي جي “سنڌ ايڪسپريس” جي رپورٽر ۽ سينيئر صحافي محمد قاسم ملاح پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ حملو ڪندڙ منشيات فروش جوابدارن جي گرفتاري لا ٽنڊوالهيار ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، احتجاج ۾ ٽنڊوالهيار جي صحافين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صحافي محمد قاسم ملاح، غلام رسول ملاح، لقمان ملاح، زهره، نادره، جنت ۽ ٻين ٻڌايو ته عبدالڪريم عرف ڪوڏو ملاح، حاجي خان ملاح، احسان ملاح، گلزار احمد ملاح، نور محمد ملاح، منير ملاح ۽ ٻين نامعلوم ماڻهن گڏجي قاتلاڻو حملو ڪري روڪ رقم، موبائل فون، شناختي ڪارڊ، پريس ڪارڊ ۽ ٻيا دستاويز ڦر ڪيا، حملي سبب قاسم ملاح، لقمان، امينه ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، اهڙي رپورٽ مسڻ وڏي ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي. صحافي محمد قاسم ملاح ٻڌايو ته پوليس اسان جي ٻن زخمين جو ليٽر ڏنو، مون کي ڪو ليٽر ناہي ڏنو، پوليس جوابدار گرفتار نٿي ڪري، ان ڪري احتجاج ڪريون پيا. هاڻ جوابدار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button