اسلام آبادپاڪستان

تڪراري چونڊون ملڪ جي تباهي جو ڪارڻ بڻجنديون:راڻا ثنا الله

راولپنڊي: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هڪ شخص جو ضد ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، تڪراري چونڊون خدا نه ڪري مُلڪ کي انارڪي ۽ وڳوڙن ڏانهن وٺي وينديون. راولپنڊي ۾ وڪيلن جي ڪنوشن کي خطاب ڪندي راڻا ثناءَ الله چيو ته مُلڪ ۾ تڪراري طريقي سان چونڊون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان اليڪشن کان گهٻرائڻ وارن مان ناهيون، اسان سدائين عوامي سگهه ذريعي اقتدار آيا آهيون، چونڊ وڙهي ۽ ووٽ جي طاقت سان چونڊجي آيا آهيون.سندس چوڻ هو ته اليڪشن بابت سُپريم ڪورٽ جي ججن جو به اتفاق ناهي، مُلڪ کي تباهي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، اسان ان تباهي جي رستي ۾ رنڊڪ آهيون. هن وڌيڪ چيو ته چونڊون ضرور ٿينديون پر وقت تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مرضي ۽ راءِ سان، جنهن چونڊن تي سياسي پارٽين، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ادارن جو اتفاق ناهي ته اهڙيون چونڊون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button