پاڪستانسنڌ

اسلام ڪُوٽ ۾ ٿرڪول جي متاثر رهواسين جو احتجاج جاري

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول متاثرن احتجاج جاري رکيو، ڪمپني عملدارن پهچي ڳالهيون ڪيون. ٿرڪول بلاڪ ٽو جي سڀ کان اول متاثر ٿيندڙ ڳوٺ سينهري درس جي رهواسين منظور درس، عبدالسلام، سجاد درس، چاندو ڀيل، راڻو ڀيل، سونو ڪولهي ۽ ٻين ٽئين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن دانهيندي چيو ته ٿرڪول ۽ ملڪي ترقي خاطر سڀ کان اول اسان قرباني ڏئي پنهنجو ڳوٺ ۽ زمينون ڏنيون، پر اينگرو ڪمپني جا مفاد پورا ٿيڻ کانپو اسان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، اسان جا جائز مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن، هتي سڀ ڌاريا ۽ ٻاهر جا ماڻهو روزگار ۽ ٺيڪا کڻي رهيا آهن، پر مقامي ماڻهن کي مزدوري به نٿي ڏني وڃي. هنن چيو ته احتجاج کانپو ڪمپني عملدار فرحان انصاري ۽ قذافي سميجو اسان وٽ آيا هئا، جن ڳالهيون ٻڌڻ کان پو چيو ته اسان اوهان جا مسئلا سي او وٽ کڻي وڃون ٿا، جائز مطالبا حل ڪنداسين. متاثرن چيو ته ڪمپني عملدار رڳو ڳالهيون ڪن ٿا، پر مسئلا حل نٿا ڪن، ان ڪري اسان جو احتجاج جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button