اسلام آبادپاڪستان

فنڊنگ ڪيس ۾ الزامن جو عمران خان سان تعلق ئي ناهي:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست خارج ٿيڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ عدالت ڪيس جي حوالي سان پيش ڪيل ثبوتن تي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن. عدالت طرفان جاري ڪيل تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس ۾ هڪ به ثبوت نظر ناهي آيو ته عارف نقوي طرفان موڪليل رقم ڏوهه جي رقم هئي، ايف آءِ آر ۾ لڳايل الزامن جو عمران خان يا طارق شفيع سان واسطو ئي ناهي، عمران خان ته ڪنهن هڪ به بئنڪ دستاويز تي صحيح ناهي ڪئي. فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بئنڪ اختيارين بابت اختيار اسٽيٽ بئنڪ جو آهي جنهن ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ انڪوائري ڪئي ۽ نه ئي پي ٽي آءِ پاران وصول ڪيل ڪنهن ٽرانزيڪشن کي غيرقانوني قرار ڏنو. هڪ الزام پي ٽي آءِ اڪائونٽ کي ” نيا پاڪستان” اڪائونٽ ۾ تبديل ڪرڻ جو آهي جيڪو ڪو ڏوهه ناهي. فيصلي موجب ان ڪيس جي جاچ آفيسر اسٽيٽ بئنڪ اختيارين جو به ڪو بيان قلمبند ناهي ڪيو. ايف آءِ اي مطمئن ناهي ڪري سگهي ته ضمانت رد ڇو ڪئي وڃي. جڏهن ته بئنڪنگ ڪورٽ درست چيو ته ان ڪيس ۾ سمورا ثبوت دستاويز آهن، گرفتاري ضروري ناهي، انڪري ايف آءِ اي طرفان عمران خان جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست خارج ڪئي وڃي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button