رانديون

بنگلاديش پهرين ٽيسٽ ۾ آئرلينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽيسٽ ۾ آئرلينڊ جي ٽيم کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ برتري ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق آئرلينڊ جا بيٽر چوٿين ڏينهن ٻي اننگز ۾ بچيل 2 وڪيٽن سان رڳو 6 رنسن جو اضافو ڪري 292 جي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويا، جنهن ۾ اينڊي مڪبرائين 72 ۽ گراهم همي 14 رنسن ڪيون، ان کان اڳ لورڪن ٽڪر 108 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي اسڪور کي اڳتي وڌايو هو. بنگلاديش ٻي اننگز آئرلينڊ جي 138 رنسن جو ڏنل هدف 3 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ٽيسٽ ميچ کٽي ورتي، جنهن ۾ مشفيق الرحيم 51 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، تميم اقبال 31، لٽن داس 23، مومن الحق 20 ۽ شنٽو 4 رنسون ٺاهيون. مشفيق الرحيم کي پهرين اننگز ۾ 126 ۽ ٻي اننگز ۾ 51 رنسون ٺاهڻ تي پليئر آف ميچ قرار ڏنو ويو آهي. ٽيسٽ ميچ ۾ آئرلينڊ پهرين اننگز ۾ 214 ۽ ٻي اننگز ۾ 292 رنسون ٺاهيون، بنگلاديش پهرين اننگز ۾ 369 ۽ ٻي ۾ 138 رنسون ڪيون هيون، بالر تيجل اسلام مجموعي طور تي 9 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button