اسلام آبادپاڪستان

عمران خان خلاف هڪ وڌيڪ ڪيس داخل

اسلام آباد : تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪيو ويو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي عسڪري ادارن جي آفيسرن خلاف ڳالهائڻ تي رمنا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ايف آءِ آر 6 اپريل تي داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان پنهنجي تقرير ۾ فوجي آفيسرن خلاف نازيبا لفظ استعمال ڪيا، هن فوجي آفيسرن ۽ سندن گهر ڀاتين جي زندگين کي خطري ۾ وڌو. عمران خان خلاف ايف آءِ آر مئجسٽريٽ منظور احمد جي فرياد تي داخل ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button