اسلام آبادپاڪستان

وفاقي حڪومت چيف جسٽس کان استيعفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ چونڊن بابت ڪيس ۾ پنهنجو 25 صفحن جو تفصيلي اختلافي نوٽ جاري ڪندي چيو آهي ته ڪيس 3-4 سان رد ٿيو آهي. تفصيلي نوٽ ۾ جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته سياستدان مناسب فورمن بدران عدالت ۾ تڪرار آڻڻ سان هارائيندا آهن يا کٽيندا آهن پر عدالت هر صورت ۾ هارائي ويندي آهي. سپريم ڪورٽ سميت سڀني ادارن کي پنهنجي انا هڪ پاسي رکي ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ماضي مان ڪو سبق نه سکيو، ملڪ سياسي ۽ آئيني بحران ڪناري بيٺو آهي. پاڻمرادي نوٽيس جي ڪارروائي عدالت کي غير ضروري سياسي تڪرار ۾ وجهي ڇڏيو آهي. تفصيلي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڻمرادو نوٽيس خارج ڪيو وڃي ٿو، ان جا ٽي بنيادي ڪارڻ آهن. فل ڪورٽ طرفان آرٽيڪل 184 ٿري جي استعمال جي بنيادي اصولن جي پابندي بئنچ تي لازمي هئي. عدالت کي پنهنجي غير جانبداري لاءِ سياسي جماعتن جي مفادن جي معاملن تي احتياط ڪرڻ گهرجي. عدالت کي سياسي درخواستگذار جو طريقيڪار ۽ نيڪ نيتي به ڏسڻ گهرجي. سندس موجب پاڻمرادو نوٽيس 3-4 جي شرح سان رد ٿيو، آئون جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس جمال مندوخيل جي راءِ سان متفق آهيان. سپريم ڪورٽ مسلسل سياسي تڪرارن جي حل جو مرڪز بڻيل آهي، ڇا سپريم ڪورٽ کي پاڻ کي سياسي حڪمت عملين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي؟ جسٽس اطهر من الله چيو ته پاڻمرادي نوٽيس کان اڳ ئي سياسي ماحول وڌيڪ سخت ٿي ويو، جنهن تي عدالت اعتراض اٿاريا، ان سبب ئي عدالت جي غير جانبداري تي سوال اٿيا ۽ لکت ۾ اعتراض داخل ٿيا. سپريم ڪورٽ کي پاڻ کي ڪنهن جي سياسي حڪمت عملين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پيش نه ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته چيف جسٽس تڪراري ٿي ويو آهي، ان ڪري کيس عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته اڄ جسٽس اطهر من الله جو وڏو فيصلو آيو آهي، سندس فيصلو عدالتي عمل تي سواليا نشان آهي. هن چيو ته جسٽس اطهر من الله جي فيصلي کانپوءِ ججن جي اڪثريت جو فيصلو اچي چڪو آهي، اها درخواست اڳ ئي چار ۽ ٽي جي فيصلي ذريعي رد ٿي چڪي آهي. درخواست تي 3 رڪني بينچ جوڙي وئي جيڪا رد ڪئي وئي. مريم اورنگزيب چيو ته سپريم ڪورٽ جي 4 اڪثريتي ججن چيو ته فل ڪورٽ ٺاهيو وڃي، سياسي پارٽين جو به چوڻ هو ته ان معاملي تي فل ڪورٽ ٺاهيو وڃي ته جيئن عوام ان فيصلي کي قبول ڪري. هن چيو ته هي معاملو اليڪشن نه پر بينچ فڪسنگ جو معاملو بڻجي ويو آهي. چيف جسٽس تڪراري ٿي ويو آهي، تنهن ڪري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي. وفاقي وزير چيو ته جسٽس اطهر من الله ان فيصلي تي سوال اٿاريا آهن، جنهن فيصلي کي ججن جي اڪثريت قبول ناهي، ماڻهو ان فيصلي کي ڪيئن قبول ڪري سگهن ٿا، فيصلو ناهي آيو. مريم اورنگزيب چيو ته تاثر آهي ته جسٽس اعجاز الاحسن به ان بينچ ۾ شامل آهي جڏهن فيصلو ڪنهن ڌر جي حق ۾ ڪرڻو آهي ته واچ چور جي سهولتڪاري آهي ته اها ناقابل قبول آهي. وفاقي وزير چيو ته سوال اٿن ٿا ته عدالتي سهولت ڇو؟ ججن پاڻ کي ان معاملي کان ڇو ڌار ڪيو آهي؟ جيڪڏهن سپريم ڪورٽ مان آئيني بحران پيدا ٿيو ته ان جي فيصلي تي ڪير اعتبار ڪندو؟ پوءِ فيصلو ڏنو وڃي ٿو ۽ ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته سمورين سياسي پارٽين جا وڪيل اتي موجود هئا پر انهن جي شنوائي نه ٿي. جن جون درخواستون هيون انهن کي سڏائڻ کانسواءِ ٻڌو ويو، انهن 13 ڌرين کي ڇو نه ٻڌو ويو؟ چونڊون رڳو ان ڪري ٿيڻيون آهن جو عمران خان ۽ تحريڪ انصاف چئي چڪي آهي.مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته اختيارن جو غلط استعمال ۽ آئين جي من پسند تشريح قبول نه ٿي ڪري سگهجي. جسٽس اطهر من الله جي فيصلي بعد اڪثريتي ججن جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، درخواست اڳ ئي چار ٽن جو فيصلو ٻڌائيندي رد ٿي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button