رانديون

فيئر بريڪ مقابلا، واريئرز ۽ بارمي آرمي ميچ کٽي ورتا

ويمنز ڪرڪيٽ جي ٽورنامينٽ فيئر بريڪ جي مقابلن جي اٺين ميچ ۾ بارمي آرمي کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني آهي، جنهن ۾ اوپنر لورين ونفيلڊ هل 120 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري آهي، ساڻس ساٿ ڏيندي لورا والورٽ 40 رنسون ڪيون آهن. ان کان اڳ ٽارناڊوس ويمنز جي ٽيم 4 وڪيٽن تي 160 رنسون ٺاهيون، جن ۾ سني ليوس 65 ۽ نتاشا مائيلس 40 رنسن سان نمايان رهيون. هوڏانهن ايونٽ جي 9 ميچ ۾ ويمن واريئرز 118 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ايلي جانسٽن 40 رنسن سان نمايان رهي، مخالف بالر صوفيا ڊنڪلي 3 وڪيٽون ورتيون آهن. جڏهن تھ اسپرٽ ويمن جي ٽيم 8 وڪيٽن تي 115 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽر بسما معروف 66 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي پاڻ مڃايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button