رانديون

نيوزيلينڊ آخري ٽي 20 ۾ سريلنڪا کي هارائي سيريز کٽي ورتي

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم آخري ٽي 20 ۾ سريلنڪا جي ٽيم کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا پهرين بيٽنگ ڪندي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ڪيون، جنهن جي موٽ ۾ نيوزيلينڊ آخري اوور ۾ 6 وڪيٽن تي 183 رنسون ٺاهي هدف ماڻي ورتو آهي. سريلنڪا جي بيٽرن مان ڪوشل مينڊس 5 ڇڪا ۽ 6 چوڪا هڻي 78 رنسون ٺاهيون، پر سندس محنت ٽيم جي ڪم نھ اچي سگهي ۽ ضايع ٿي وئي آهي. جڏهن تھ نيوزيلينڊ کي بيٽر ٽم سيفرٽ 3 ڇڪا ۽ 10 چوڪا هڻي 48 بالن تي 88 رنسون ٺاهي ڪاميابي ڏياري ڇڏي آهي. ٽم سيفرٽ کي 88 رنسن تي پليئر آف دي ميچ ۽ مجموعي طور 167 رنسن تي پليئر آف دي سيريز جا ايوارڊ ڏنا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button