رانديون

ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ سسيڪس هٿان ڊرهام کي شڪست

انگلش ڪائونٽي جي چيمپيئن شپ وارن مقابلن ۾ سسيڪس جي ٽيم 2 وڪيٽن تان ڊرهام کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڊرهام جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 376 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ سسيڪس پهرين اننگز ۾ 335 ٺاهي سگهي، جنهن ۾ ڇيتيشور پجارا جي سينچري پڻ شامل آهي. جڏهن تھ ٻي اننگز ۾ درهام 189 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ سسيڪس کي 231 رنسن جو هدف ڏنو، بالرن هينري ڪروڪومبي ۽ فائن هڊسن 4،4 وڪيٽون ورتيون. سسيڪس ٻي اننگز ۾ 8 وڪيٽن جي 232 رنسون ٺاهي ڪاميابي ماڻي، جنهن ۾ ٽام هائينس 64 رنسن سان نمايان رهيو آهي.  

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button