
نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ جي لاءِ رواني ٿي وئي آهي، جنهن کي اسلام آباد پوليس ورلڊ ڪلاس سيڪيورٽي جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ۾ 5 ون ڊي ۽ 5 ٽي 20 ميچن واري سيريز کيڏڻ لاءِ ڪيوي رانديگر ڪرائيسٽ چرچ مان روانا ٿيا آهن، جيڪي مهمان رانديگر هڪ ڏينهن آرام ڪندا. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي 20 ميچ 14 اپريل تي لاهور ۾ کيڏيو ويندو، ٻيو ٽي 20 وري 15 اپريل ۽ ٽين ميچ 17 اپريل تي لاهور ۾ ئي ٿيندو، پنڊي ۾ 20 اپريل تي چوٿون ٽي 20 ۽ 24 اپريل تي پنجون ٽي 20 ٿيندو. جڏهن تھ پنڊي ۾ پهرين ون ڊي 27 اپريل ۽ ٻيو ون ڊي 29 اپريل تي ٿيندو، جنهن بعد ڪراچي ۾ مئي جي 3، 5 ۽ 7 تاريخن تي ٽيون، چوٿيون ۽ پنجون ون ڊي کيڏيو ويندو. هوڏانهن آئي جي پنجاب اڪبر ناصر خان جاري ڪيل بيان ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ورلڊ ڪلاس سيڪيورٽي ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي تھ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڀرپور سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.