رانديون

افغانستان خلاف رڳو جونيئر کيڏائڻ درست نھ هو: اڳوڻو چيف سليڪٽر

پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي چيف سليڪٽر محمد وسيم شارجا ۾ افغانستان خلاف ٽي 20 سيريز ۾ نوجوانن کي کيڏائڻ جي حمايت ڪندي پاليسي سان اختلاف ڏيکاريو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد وسيم جو چوڻ هو تھ نوجوانن کي موقعو ڏيڻ جو بهترين وقت هوم سيريز هوندو آهي، تنهنڪري هي فيصلو مڪمل طور تي درست نھ هو. هن چيو تھ شارجا ۾ ٽي 20 سيريز لاءِ جونيئرن سان گڏ ڪجهه سينيئر رانديگر بھ موڪلڻ گهرجن ها. هن چيو تھ نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ خبر هئي تھ مڪمل اسٽرينٿ ناهي، تنهنڪري هتي نوجوان کيڏائڻ جو موقعو آهي. هن چيو تھ محمد عامر کي واپس اچڻو آهي تھ استعيفيٰ واپس وٺي، کيس پرفارمنس ڏيکارڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button