رانديون

بابر جي ڪپتاني جو فيصلو ڪاميابي يا ناڪامي سان مشروف هوندو: نجم سيٺي

پي سي بي جي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي چٽن لفظن ۾ چئي ڇڏيو آهي تھ بابراعظم جي ڪپتاني جو فيصلو موجودا صورتحال جي ڪاميابي يا ناڪامي سان مشروط هوندو. سماجي رابطن واري پيج تي جاري ڪيل بيان ۾ نجم سيٺي ٻڌايو تھ ڪيترن ئي مهينن کان ميڊيا ۽ ڪرڪيٽ جي حلقن ۾ باراعظم کي ڪپتان رکڻ يا نھ رکڻ جي فائدن توڙي نقصانن تي بحث ٿي رهيو آهي، اصل ۾ اهو فيصلو چيئرمين جو اختيار آهي، مون اڳوڻي سليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين شاهد آفريدي ۽ هاڻ هارون رشيد جا ان معاملي تي خيال معلوم ڪيا آهن، ٻنهي ڪاميٽين جو خيال هو اها ڳالهه ميرٽ تي اچي ٿي تھ هن معاملي تي بحث ٿئي، بعد ۾ ٻئي ان نتيجي تي پهتيون تھ صورتحال جئين جو تئين رهڻ گهرجي. نجم سيٺي ٻڌايو تھ حتمي نتيجو اهو آهي تھ اهو فيصلو موجودا صورتحال جي ڪاميابي يا ناڪامي سان مشروط هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button