رانديون

پي سي بي پاران ايشيا ڪپ جي ميزباني تان هٿ نھ کڻڻ جو اعلان

پي سي بي ايشيا ڪپ جي ميزباني تان هث نھ کڻڻ جو حتمي اعلان ڪندي چيو آهي تھ اسان جو موقف چٽو ۽ واضع آهي تھ ڀارت ايشيا ڪپ کيڏڻ نٿو اچي تھ اسين ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت نھ وينداسين. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي پي سي بي جي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي ٻڌايو تھ ايشيا ڪپ بابت جيڪو بھ فيصلو ٿيندو، ان جا اثر ورلڊ ڪپ تي ضرور پوندا. هن چيو تھ ڀارت ايشيا ڪپ ٽئين ملڪ ۾ کيڏيو تھ هائبرڊ ماڊل ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان لاءِ بھ هوندو، ڀارت کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تھ، اوهان پاڪستان نٿا اچو تھ اسين ڀارت ڪئين اينداسين، ڇوتھ اهو اسان جي ريڊلائن آهي. نجم سيٺي ٻڌايو تھ ايشيا ڪپ جي بائيڪاٽ سان هڪ ارب رپين جو نقصان ٿيندو. ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت نھ وڃڻ سان آئي سي سي سان لاڳاپا خراب ٿيڻ جو خدشو پڻ موجود آهي. هن چيو تھ ڀارتي بورڊ پنهنجي حڪومت جو لکت ۾ حڪم پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي. هن چيو تھ پي ايس ايل مان هڪ ارب جي نقصان جو ازالو ٿي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button