رانديون

بابر 100 ميچون ۽ شاداب 100 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون

پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابراعظم نيوزيلينڊ خلاف ٽي 20 ميچ کيڏي ڪيريئر جون 100 ميچون مڪمل ڪري ورتيون آهن، جنهن سان هو 100 ٽي 20 ميچ کيڏندڙ ٽيون پاڪستان بڻجي ويو آهي، جيڪو سندس لا وڏو اعزاز آهي. هوڏانهن پاڪستاني بالر شاداب خان پڻ نيوزيلينڊ خلاف ٽي 20 ميچ ۾ 4 وڪيٽن جي شاندار اننگز کيڏي ٽي 20 ڪيريئر جون 100 وڪيٽون مڪمل ڪرڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي، جن کي 100 جي عدد واريون جرسيون پڻ تحفي طور ڏنيون ويون. هوڏانهن پي سي بي بابراعظم ۽ شاداب خان کي اهم اعزاز ماڻڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button