رانديون

نيوزيلينڊ 94 رنسن تي ڍير، پاڪستان پهريون ٽي 20 کٽي ورتو

پاڪستان پهرين ٽي 20 ۾ مهمان ٽيم نيوزيلينڊ کي 88 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ برتري ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي 182 رنسون ڪيون، جنهن ۾ صائم ايوب ۽ فخر زمان 47، 47 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ان کان اڳ اوپنر طور آيل ڪپتان بابراعظم 9 ۽ محمد رضوان 8 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا.

نيوزيلينڊ جو بالر ميٽ هينري جنهن هيٽرڪ ڪئي آهي

فخر زمان ۽ صائم ايوب محتاط راند کيڏندي 47، 47 رنسون ٺاهي اسڪور کي ويڙهه جوڳو بڻايو، بعد ۾ فهيم اشرف 22 ۽ عماد وسيم 16 رنسن جي اننگز کيڏي. نيوزيلينڊ جي بالرن مان ميٽ هينري وڪيٽن جي هيٽرڪ ڪندي 3 شڪار ڪيا، ايڊم مائلني ۽ بينجامن لسٽر 2،2 وڪيٽون ورتيون. نيوزيلينڊ جا بيٽر 94 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويا، جن ۾ مارڪ چيپمن 34، ڪپتان ٽام ليٿم 20، جيمز نيشام 15 رنسن سان نمايان رهيا. پاڪستاني بالر حارث رئوف 4 وڪيٽون وٺي نيوزيلينڊ کي آسان شڪار بڻائي ٽيم کي ڪامياب بڻايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button