پاڪستانرانديون

ڪيوي ٽيم پاڪستاني بالنگ اڳيان لاجواب ٿي وئي، ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ 88 رنسن تان شڪست

پاڪستان مهمان ٽيم نيوزيلينڊ کي ٽي-20 سيريز جي پهرين مئچ ۾ 88 رنسن تان شڪست ڏئي شاندار شروعات ڪئي آهي، پاڪستان جي 182 رنسن جي جواب ۾ ڪيوي ٽيم 16 هين اوور ۾ 94 رنسن تي ڍير ٿي وئي، فاسٽ بالر حارث رئوف 4، عماد وسيم 2،  شاداب، افتخار، زمان خان ۽ شاهين هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪري مهمانن کي هدف جي ويجهو به پهچڻ نه ڏنو. ان کان اڳ پاڪستان جي ٽيم پهرين بئٽنگ ڪندي 20 هين اوور جي پنجين بال تي 182 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ فخر زمان ۽ صائم ايوب 47- 47 رنسن سان نمايان رهيا. نيوزيلينڊ طرفان فاسٽ بالر ميٽ هنري شاندار هيٽرڪ ڪئي پر سندس بالنگ پرفارمنس ٽيم جي ڪم نه آئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button