اسلام آبادپاڪستان

چونڊيل نمائندا منزل مقرر ڪن،فوج ڪاميابي لا ڀرپور ساٿ ڏيندي:آرمي چيف

اسلام آباد :آرمي چيف جنرل عاصم منير آئين ٺاهيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته عوام جا چونڊيل نمائندا منزل مقرر ڪن، پاڪ فوج ملڪي ترقي ۽ ڪاميابي جي سفر ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندي. سينٽر آف گريويٽي پاڪستان جو عوام آهي، آئين چوي ٿو ته اختيار عوام جي چونڊيل نمائندن جي ذريعي استعمال ٿيندو. حاڪميت اعليٰ الله تعاليٰ جي آهي، الله تعاليٰ جي حڪم سان ئي آئين کي اختيار مليو آهي. پاڪستان جو آئين ۽ پارليامينٽ عوام جي راءِ جو مظهر آهن. جڏهن ته وزيراعظم شهبازشريف فوج، رينجرز ۽ پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جدوجهد ۾ 80 هزار کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن. اسان جي شهيدن جي عظيم قربانين سان امن بحال ٿيو هو. هي محنت چئن سالن ۾ ضايع ڪئي وئي. ذريعن مطابق جمعي تي قومي اسيمبلي جو ان ڪئميرا اجلاس قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ عسڪري ۽ سياسي قيادت شريڪ ٿي. ذريعن موجب آرمي چيف جي آمد تي اسيمبلي ميمبرن ۽ وفاقي وزيرن ڊيسڪ وڄائي ان جي آجيان ڪئي. جڏهن ته عسڪري عملدارن پاران شريڪ ٿيندڙن کي ملڪي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعطم شهبازشريف فوج رينجرز، پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جدوجهد ۾ 80 هزار کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، وزيراعظم سوال ڪيا ته ملڪ ۾ دهشتگردي موٽي ڇو آئي، ڪنهن آندي، سمورن صوبن دهشتگردي کي چٿڻ ۽ فاٽا سڌارن لاءِ رقم ڏني هئي اها ڪيڏانهن وئي؟ وزيراعظم سوال ڪيو ته خيبرپخوتنخوا کي ملندڙ اربين رپين جا وسيلا ڪٿي استعمال ٿيا، ان جو جواب وٺڻو پوندو. هوڏانهن آرمي چيف 1973 جي آئين جي نفاذ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي پارليامينٽ جي ميمبرن کي مبارڪ ڏني. آرمي چيف ڳالهائيندي چيو ته طاقت جو محور عوام آهي، آئين چئي ٿو ته اختيار عوام جي چونڊيل نمائندن ذريعي استعمال ٿيندو. عوام پنهنجي راءِ آئين ۽ پارليامينٽ ذريعي استعمال ڪندو آهي. قومي سلامتي ڪميٽي جي ان ڪئميرا سيشن سان ڳالهائيندي پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته هي نئون آپريشن نه پر هول آف نيشن اپروچ آهي، الله جي ڪرم سان هن وقت پاڪستان ۾ ڪو نوگو ايريا ناهي. هن چيو ته اسان کي نئين ۽ پراڻي پاڪستان جو بحث ڇڏي اسان جي پاڪستان جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. پاڪستان وٽ وسيلن ۽ افرادي قوت جي کوٽ ناهي، عوام جا چونڊيل نمائندا منزل مقرر ڪن، پاڪ فوج ملڪي ترقي ۽ ڪاميابي جي سفر ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندي. جڏهن ته آرمي چيف 1973 جو آئين ٺاهيندڙن کي به خراج تحسين پيش ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي ملٽري آپريشنز ۽ اعليٰ فوجي اختيارين، آءِ جي پنجاب، چيف سيڪريٽري پنجاب، وفاقي سيڪريٽريز گهرو، پرڏيهي، ناڻي، دفاع ۽ اطلاعات ۽ نشريات سميت چئني صوبن جي وزيرن، چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز شرڪت ڪئي. اعليٰ فوجي عملدارن اندروني سلامتي بابت بريفنگ ڏني. ڊي جي ملٽري آپريشن وزيرستان ۾ امن امان ۽ دهشتگردي خلاف آپريشنز بابت ايوان کي اعتماد ۾ ورتو. ان کان علاوه پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پڻ پارليامينٽ ۾ پهتا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button