رانديون

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ اڄ رات ٻي ٽي 20 کيڏندا، ڪاميابي لاءِ پراعتماد

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻيو ٽي 20 ميچ اڄ رات 9 وڳي کيڏيو ويندو، جنهن ۾ ڪاميابي لاءِ پاڪستاني ٽيم پراعتماد آهي. ميڊيا مطابق 5 ميچن واري سيريز جي شروعات ڪاميابي سان ڪرڻ سبب قومي ڪرڪيٽرن ۾ وڏو اتساهه نظر اچي رهيو آهي ۽ اهي مهمان ٽيم کي لاڳيتو ٻي شڪست ڏيڻ جو عزم ڪري چڪا آهن. هوڏانهن ڪيوي ٽيم پڻ سيريز ۾ ڪم بيڪ ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي ۽ اجوڪي ميچ کٽڻ جا جتن ڪندا. ياد رهي تھ پهرين ٽي 20 ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي 88 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button