رانديون

راجر فيڊر ميسي کي عظيم فٽبالر قرار ڏئي ڇڏيا، رونالڊو جا مداح ناراض

دنيا جي اڳوڻي نمبر ون ٽينس اسٽار راجر فيڊر ارجنٽينا کي فٽبال ۾ عالمي چيمپيئن بڻائيندڙ ليونل ميسي کي دنيا جو عظيم رانديگر قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن تي ڪرسٽيانو رونالڊو جا مداح ناراض ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق ليونل ميسي کي رسالي ٽائيمز پاران 100 بااثر شخصيتن ۾ جڳهه ڏني، جنهن تي راجر فيڊر سندس حمايت ۾ جذباتي نوٽ لکي کيس ڀيٽا پيش ڪئي ۽ دنيا جو عظيم فٽبالر سڏيو. هوڏانهن ڪرسٽيانو رونالڊو جي مداحن کي اها ڳالهه پسند نھ آئي، جن شڪايتي انداز ۾ جواب ڏنو تھ رونالڊو کي ٽائيمز رسالو 2914ع ۾ 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل ڪري چڪو آهي ۽ ليجنڊ پيلي کيس خران تحسين پيش ڪيو، تنهنڪري ميسي ۽ رونالڊو ۾ ڪا ڀيٽ ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button