رانديون

واريئرز ۽ فالڪن فيئر بريڪ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پهچي ويون

فيئر بريڪ انوٽيشنل ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل مقابلن ۾ واريئرز ويمن ۽ فالڪن ويمن فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي، بارمي آرمي ۽ اسپرٽ ويمن شڪست کائي ٽورنامينٽ مان نڪري ويون آهن. ميڊيا مطابق ويمن ٽي 20 ليگ جي پهرين سيمي فائنل ۾ اسپرٽ ويمن 73 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ نيٽ ٿيڪن چينٿن 26 رنسن سان نمايان رهي، 9 بيٽرز سنگل ڊجيٽ ۾ رهيون،

رانديگرياڻيون ڪاميابي تي خوشي ملهائيندي

واريئرز جي بالرن مان جيس ڪر 3 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو. واريئرز 14 اوورن ۾ 6 وڪيٽن تي دف ماڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هوڏانهن ٻئي سيمي فائنل ۾ بارمي آرمي 6 وڪيٽن تان فالڪن ويمنز هٿان شڪست کاڌي آهي، جنهن ۾ بارمي آرمي 8 وڪيٽن تي 158 رنسون ڪيون،

ٽورنامنيٽ ۾ هارائيندڙ ٽيم جي رانديگرياڻي بال پڪڙڻ جا جتن ڪندي

جنهن ۾ ڊائينڊرا ڊاٽن 42 ۽ پاڪستان جي فاطما ثنا 45 رنسن سان نمايان رهيون، ميريزين ڪيپ ۽ ماريڪو هل 3،3 وڪيٽون ورتيون آهن. جڏهن تھ فالڪن جي اوپنر چماري اتاپٽو جي 78 رنسن جي مدد سان 19 اوور ۾ 4 وڪيٽن تي 161 رنسون ٺاهي ڪاميابي ماڻي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button