رانديون

قومي ٽيم جو پهريون ڪپتان حفيظ ڪاردار هال آف فيم ۾ شامل

پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي پهرين ڪپتان حفيظ ڪاردار کي پي سي بي هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ خلاف ميچ کان اڳ پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين حفيظ ڪاردار جي پٽ شاهد حفيظ کي هال آف فيم جو سوونيئر پيش ۽ سندس ڪيل ڪم ۽ مڃتا جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. ياد رهي تھ پاڪستان پنهنجو پهريون ٽيسٽ 16 آڪٽوبر 1952ع ۾ ڀارت خلاف حفيظ ڪاردار جي ڪپتاني ۾ کيڏيو هو. هن 1958ع تائين 23 ٽيسٽ ميچ کيڏيا، سمورين ۾ ڪپتان رهي اعزاز ماڻيو، سندس وفات 21 اپريل 1996ع ۾ ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button