پاڪستانسنڌ

خانواهڻ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ٻئي ڏينهن به هڙتال، واپاري جي ريلي

خانواھڻ: خانواھڻ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ٻئي ڏينهن به واپارين ۽ شهري اتحاد جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪري شاھي بازار کان پريس ڪلب خانواهڻ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، جنهن جي اڳواڻي سيد عاشق علي شاھه، محمد حسن ڪونڌر، جاويد احمد جوڳي، شوڪت چنا، محمد موسيٰ ڪونڌر ۽ غلام مرتضيٰ گلال ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي هنن چيو ته خانواھڻ ٿاڻي جي حد ۾ گذريل 15 ڏينھن ۾ 20 کان مٿي چوريون ۽ ڦرون ٿي چڪيون آھن پر ايس ايڇ او ننڊ پيل آهي، ھن وقت تائين چوري يا ڦر ٿيل سامان واپس نه ٿيو آهي، ٻن ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر پوليس جي ڪن تي جون به نٿي چري. هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته چوري ۽ ڦر ٿيل سامان واپس ڪيو وڃي نه ته ايس ايس پي آفيس نوشھروفيروز اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button