
پاڪستاني ڪرڪيٽر محمد عامر ڪرونا وبا ۾ مبتلا ٿيڻ سبب ٽي ٽين ليگ تان هٿ کڻي ويو آهي. ميڊيا مطابق محمد عامر ميڊيا کي ٻڌايو تھ 8 نومبر تي سندس ڪرونا ٽيسٽ مثبت آئي هئي، هاڻ طبيعت گهڻي بهتر آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو تھ منهنجا گهرڀاتي وبا کان محفوظ آهن، مان لاهور ۾ محتاط آهيان، جلد ڪراچي وڃي اتان دبئي هليو ويندس، جتان سريلنڪا پريميئر ليگ لا تياري ڪندس.