رانديون

بنگلاديش خلاف سڀاڻي واري ٽي 20 ميچ جي اسڪواڊ جو اعلان، آصف علي ۽ عماد وسيم ڊراپ

پاڪستان ۽ بنگلاديش خلاف ٽي 20 سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي ڍاڪا جي شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ قسمت آزمائڻ جي مد ۾ پاڪستان جي 12 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڻ مڃائيندڙ آصف علي ۽ عماد وسيم کي ڊراپ ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ اڄ کان ٿيندڙ ٽي 20 سيريز جي پهرين ميچ ۾ 12 رانديگرن کي موقعو ڏنو ويو آهي. پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان پريس ڪانفرنس ۾ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ هن نائب ڪپتان طور شاداب خان کي موقعو ڏنو آهي. جڏهن تھ خوشدل شاهه، فخر زمان، حارث رئوف، حيدر علي، حسن علي، محمد نواز بھ کنيا ويا ۽ محمد رضوان وڪيٽ ڪيپر ٿيو آهي. اهڙي ريت شعيب ملڪ، محمد وسيم جونيئر ۽ شاهين شاهه آفريدي بھ اسڪواڊ ۾ جڳجهه ٺاهي ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button