
لنڊن ميراٿون ريس جو ايونٽ ڪينيا جي رانديگر ڪيلون ڪيپٽم کٽي اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ميراٿون ريس جي شروعات گرينچ جي علائقي مان ٿي، جنهن ۾ ناميارن ايٿليٽس شرڪت ڪئي، جنهن چيئرٽي لا رقم گڏ ڪئي، ريس ۾ ڪيلون ڪيپٽم پهرين پوزيشن ماڻي، عورتن ۾ نيڌرلينڊ جي سيفان حسن اڳيان رهي.