رانديون

نيپال کي برسات اي سي سي ليگ جي سيمي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو

اي سي سي پريميئر ليگ جي جاري مقابلن ۾ برسات ٻن اهم ميچن کي ٿيڻ نھ ڏنو آهي، جنهن بعد پوائينٽس جي بنياد تي نيپال جي ڪرڪيٽ ٽيم ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق سعودي عرب ۽ نيپال جي ٽيمن ۾ رٿيل اهم رائونڊ ميچ برسات جي ور چڙهي وئي، جنهن بعد پوائينٽس کي برابر ورهايو ويو، جنهن ۾ نيپال جي ٽيم پوائينٽس جي بنيادن تي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. هوڏانهن هانگ ڪانگ ۽ بحرين جي ٽيمن ۾ رٿيل ميچ پڻ برسات جي ور چڙهي وئي ۽ امپائرز ان کي بنا نتيجي ختم ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button