رانديون

محمد عامر آل رائونڊر شاداب خان جي حمايت ۾ ميدان ۾ اچي ويو

لاهور: پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر آل رائونڊر شاداب خان جي حمايت ۾ ميدان ۾ اچي ويو. محمد عامر ٽوئيٽر تي حسن علي جي 2022 ۾ پوسٽ ڪيل هڪ وڊيو شيئر ڪئي. جنهن ۾ شاداب خان شاندار بالنگ ۽ فيلڊنگ ڪندي نظر اچي رهيو هو. عامر ٽوئيٽ ۾ شاداب جو ذڪر ڪندي چيو ته وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ بهترين رانديگر آهي، ڪارڪردگي سٺي هجي يا خراب، اهو وقت هر ڪرڪيٽر تي ايندو آهي. فاسٽ بالر وڌيڪ چيو ته هن شاداب وانگر محنت ڪندا رهو. جڏهن ته بالر طرفان اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته هن اهو ٽوئيٽ ڇو ڪيو پر گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي شاداب کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button