رانديون

آ سي سي رينڪنگ جاري، ٽي-20 رانديگرن ۾ بابر ۽ رضوان جي پوائنٽس ۾ بهتري

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي 20 رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. بيٽسمينن ۾ ڀارت جو سوريا ڪمار ياديو بدستور پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو بيٽسمين محمد رضوان بدستور ٻئي ۽ ڪپتان بابر اعظم ٽئين نمبر تي موجود آهي، پر ٻنهي جي پوائنٽن ۾ بهتري آئي آهي. پاڪستان جي افتخار احمد جي رينڪنگ ۾ 6 درجا بهتري ٿي جنهن کانپوءِ هو 39هين نمبر تي اچي ويو آهي.

ٽي 20 بالرز جي رينڪنگ ۾ افغانستان جو راشد خان پهرين ۽ افغانستان جو فضل حق فاروقي ٻئين نمبر تي آهي. رينڪنگ ۾ شاداب خان 2 درجا ۽ شاهين آفريدي هڪ درجا هيٺ اچي ويا آهن، شاداب 15 هين ۽ شاهين آفريدي 16 هين نمبر تي اچي ويو آهي. نيوزيلينڊ جو ايش سوڌي ٽي درجا مٿي چڙهي 14هين نمبر تي اچي ويو آهي. آل رائونڊرز ۾ بنگلاديش جي شڪيب الحسن پهرين پوزيشن برقرار رکي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button