اسلام آبادپاڪستان

چيف جسٽس بنديال جي طبيعت ناچاڪ،بئنچ ڊي لسٽ

اسلام آباد : چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي بئنچ ڊي لسٽ ڪئي وئي. چيف جسٽس جي بئنچ ۾ جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس اطهر من الله شامل هئا. بئنچ اڳيان شنوائي لاءِ مقرر سمورا ڪيس به ڊي لسٽ ڪيا ويا. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ڪيس ڊي لسٽ ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. جڏهن ته نوٽيفڪيشن ۾ بئنچ ڊي لسٽ ڪرڻ جا سبب ناهن ٻڌايا ويا. بئنچ جي سامهون اربع تي 12 ڪيس شنوائي لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا. سپريم ڪورٽ جي بئنچ نمبر 2 جي ڪيسن جي لسٽ به رد ڪئي وئي آهي. جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس شاهد وحيد تي ٻڌل بئنچ جي ڪاز لسٽ به رد ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ جي ترجمان مطابق چيف جسٽس پاڪستان موجود نه هجڻ تي بئنچ ون جا ڪيس ڊي لسٽ ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب چيف جسٽس جي بئنچ صحت ناساز هجڻ سبب ڊي لسٽ ٿي. چيف جسٽس بخار، جسم ۾ سور ۽ فلو جو شڪار آهي. چيف جسٽس گذريل ڏينهن پنهنجي ڳوٺ ۾ هو ۽ صحتياب ٿيڻ تي ٻيهر ڪيسن جي شنوائي ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button