اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف جا مستعفي ميمبر اجلاس ۾ نٿا اچي سگهن:قومي اسيمبلي ترجمان

اسلام آباد :قومي اسيمبلي جي ترجمان چيو آهي ته اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جا مستعفي ميمبر شريڪ نٿا ٿي سگهن. پي ٽي آئي ميمبرن جي استعيفائن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪشن معطل ڪيو، ڪوئي اڻڄاڻ ايوان ۾ داخل نٿو ٿي سگهي. قومي اسيمبلي جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته قومي اسيمبلي اسپيڪر آئيني ماهرن سان صلاح مشوري کان پوءِ فيصلو ڪري ورتو آهي. ترجمان مطابق پي ٽي آئي ميمبرن جي استعيفائن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي اسپيڪر جي فيصلي بابت ڪوئي فيصلو ناهي ڏنو. استيعفا ڏنل ميمبر هاڻي قومي اسيمبلي جا ميمبر ناهن رهيا، ڪنهن به مستعفي ميمبر کي ايوان ۾ اچڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button