اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

کنڊ جو في ڪلو سرڪاري اگهه 98 رپيا 82 پئسا مقرر

اسلام آباد : شگر ايڊوائزري بورڊ جي سفارش تي خوراڪ ۽ زراعت جي وزارت ملڪ ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 98 رپيا 82 پئسا مقرر ڪري ڇڏي. وزارت کنڊ جي في ڪلو قيمت 98 رپيا 82 پئسا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن مطابق کنڊ جي قيمت ۾ 14 رپيا 58 پئسا سيلز ٽيڪس شامل هوندو. کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 5 رپيا 30 پئسا شگر ملز جو منافعو ۽ خرچ 25 پئسا ڊسٽيبيوٽرز مارجن، ٽرانسپورٽ لاڳت 2 رپيا في ڪلو ۽ پرچون فروش جو هڪ رپيو ڪلو منافعو به مجموعي لاڳت ۾ شامل آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته کنڊ جي قيمت مقرر نه ٿيڻ سبب مارڪيٽ ۾ کنڊ 30 سيڪڙو مهانگي ٿي. ضلعي انتظاميا سرڪاري اگهن تي کنڊ وڪرو ڪرائڻ جي پابند هوندي. ٻئي پاسي شهرين جو چوڻ آهي ته وڏن اسٽورن تي به کنڊ 125 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت 130 رپيا في ڪلوگرام آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button