اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ جو ڪم ٽياڪڙي نه آئين مطابق فيصلا ڏيڻ آهي:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو ڪم ٽياڪڙي يا پنچائت ڪرائڻ نه آهي، آئين ۽ قانون مطابق فيصلا ڏيڻ آهي. اسان 3-4 جو فيصلو مڃون ٿا، ٽي ٻه جو يا پنج ٻه جو نه. سپريم ڪورٽ پنهنجي ٽي رڪني بئنچ سان معاملا اڳتي کڻي وڃڻ ڄاڻي ٿي، ٽي رڪني بئنچ اليڪشن جي لاڳاپيل فنڊز جي حوالي سان جواب گهريو آهي. اسان جو به فرض ٿئي ٿو ته معاملي ۾ پارليامينٽ جيڪي فيصلا ڏنا آهن ان جو احترام ڪريون. پاڪستان کان ٻاهر پي ٽي آئي جا ايجنٽس جيڪي پاڪستان جا دشمن آهن، پاڪ فوج کي به معاف ناهي ڪيو ويو. اڪثريت جي راءِ آهي ته اسان کي ڳالهين جو دروازو بند ناهي ڪرڻو. جڏهن ته حڪومتي اتحاد 13 آگسٽ تي پارليامينٽ جو مدو ختم ٿيڻ کان پوءِ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اربع تي هتي وزيراعظم شهبازشريف اتحادي پارٽين جي اجلاس کانپوءِ خطاب ڪندي چيو ته ويجهي ماضي ۾ جيڪي اسان جون سيٽون هيون جن ۾ اسان کي پيش ايندڙ چئلينجز تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪي قدم کنيا ويا ۽ قومي اسيمبلي ۽ جوائنٽ هائوس هن معاملي کي ڊيل ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ جي حوالي سان آئيني ۽ قانوني قدم کنيا ويا. هن چيو ته هاڻي به صورتحال وڏي چئلينج آهي، سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ جنهن کي پارليامينٽ قبول ناهي ڪيو. جڏهن ته سپريم ڪورٽ پنهنجي ٽي رڪني بئنچ سان معاملا اڳتي کڻي وڃڻ چاهي ٿي ته ان لاءِ اسان ٻيهر گڏ ٿيا آهيون ته جيئن ان تي اسان پنهنجي فيصلي جو ٻيهر ورجاءَ ڪيون ته اسان ٽي چار جو فيصلو مڃون ٿا ٻه ٽي جو يا پنج ٻه جو نه. هن چيو ته ٻي ڳالهه اها ته انهيءَ بئنچ اليڪشن جي لاڳاپيل فنڊز جي حوالي سان جواب گهريو آهي هن کان اڳ جيڪي سپريم ڪورٽ فيصلا ڏنا هئا پارليامينٽ ڊيل ڪيو ۽ اڄ به پارليامينٽ فيصلا ڏنا آهن ۽ جيڪي ٺهراءُ منظور ڪيا آهن. هي معاملو به پارليامينٽ چاهيندي ته ان جي سامهون آندو وڃي ۽ ان بابت پنهنجي راءِ کي قوم جي سامهون کڻي اچن ۽ اسان جو به فرض آهي ته هن معاملي ۾ پارليامينٽ جيڪي فيصلا ڏنا آهن ان جو احترام ڪريون. هن چيو ته اتحادي پارٽيون متفق آهن ته عام چونڊون مقرر ڪيل وقت تي ٿين ۽ اتحادي حڪومت ملڪ کي پيش ايندڙ چئلينجز مان ڪڍڻ لاءِ پرعزم آهي.. وزيراعظم چيو ته هڪ ڏينهن اليڪشن ٿيڻ گهرجي ۽ ڪڏهن ٿيڻ گهرجي ان بابت اتحادي پارٽين ۾ ته مڪمل ايڪو ۽ اتفاق آهي ته 13 آگسٽ تي پارليامينٽ جو مدو ختم ٿئي ٿو ۽ ان کان پوءِ 90 ڏينهن شامل ڪيا وڃن ته آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ اها تاريخ اچي ٿي. هن چيو ته ملڪ کي جيڪي چئلينجز آهن مون کي وڏي افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته پي ٽي آئي جي قيادت ان کي حل ڪرڻ بدران ان مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. شهبازشريف چيو ته معاملا بهتر ته ٿيا آهن پر مان اهو چوڻ جي قابل نه آهيان ته معاملا تسلي جوڳا آهن. هن چيو ته انهي طريقي اسان ملڪ اندر ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ ۾ ڪائي گهٽتائي نه ڪئي وئي. پاڪستان جي هر زندگي جي شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۾ زهر وڌو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button