اسلام آبادپاڪستان

عدالتي حڪم سان پارليامينٽ جي توهين ٿي،معاملو ڪميٽي ۾ اٿارڻ گهرجي:بلاول

اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جنهن طرح پارليامينٽ جي فيصلي کي نظرانداز ڪيو اهو پارليامينٽ جي توهين آهي، معاملو استحقاق ڪميٽي ۾ اٿارڻ گهرجي. ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پارليامينٽ کي نظرانداز ڪرڻ جو حڪم مڃڻ لاءِ تيار ناهيون. اهو جمهوريت جي خلاف آهي. هن چيو ته آئين موجب 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي شق اسان نه پر ڪنهن ٻئي ٽوڙي آهي. ميمبرن استعيفائون جمع ڪرايون جيڪي اسپيڪر منظور ڪري ورتيون. جڏهن توهان استعيفائون قبول ڪيون ته سٺ ڏينهن ۾ انهن سيٽن تي ضمني چونڊون ٿيڻيون هيون. هن جو چوڻ هو ته اسان جي سپريم ڪورٽ پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ضمني چونڊون نوي ڏينهن کان به اڳتي گذري ويون آهن. سپريم ڪورٽ جو اقليتي فيصلو پنجاب لاءِ آهي، خيبرپختونخوا لاءِ نه. اسان آئين جي ڀڃڪڙي نٿا چاهيون. هڪ ادارو جنهن کي آئين جي بالادستي جو پابند بڻائڻو آهي، اهو ڪيئن ٿو چئي سگهي ته اهو پارليامينٽ ۽ ان جي فيصلي کي وساري عدالت جي اقليتي بينچ جي فيصلي کي قبول ڪريون؟ اسان پارليامينٽ کي نظر انداز ڪرڻ جو حڪم مڃڻ لاءِ تيار ناهيون. فيصلو ڪنداسين ته عوام جو پئسو ڪٿي خرچ ٿيندو. اسان رڳو پارليامينٽ جي حڪم جا پابند آهيون. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جيڪڏهن پنهنجي فيصلي کان غير آئيني فيصلو وٺڻ چاهي ٿي ته اهو پارليامينٽ جي توهين آهي. هن مطالبو ڪيو ته “پارليامينٽ جي توهين” جو معاملو استحقاق ڪميٽي ۾ اٿاريو وڃي،جڏهن به ڪو معزز ميمبر يا سڄو ايوان توهين ڪري ٿو ته ان لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي ٿي. عدليا جي توهين ڪئي وئي آهي، ان کي استحقاق ڪميٽي ۾ اٿاريو وڃي. بلاول ڀٽو چيو ته هڪ کانسواءِ سمورين سياسي پارٽين جو مطالبو آهي ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن عام چونڊون ڪرايون وڃن. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪي ماڻهو ان ڳالهه تي قائم آهن ته ڳالهيون عدالت جي پنچائت ۾ ٿيڻ گهرجن ته ان جي ڪاميابي جا امڪان گهٽ آهن. هن چيو ته عدالت پنهنجي حڪم تي حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهيون ڪرڻ بدران پاڻ ۾ ڳالهين جو سلسلو شروع ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button