پاڪستانپنجاب

پنجاب ۾ ڪارڪنن جو احتجاج، عمران خان 21 اميدوارن کان ٽڪيٽون واپس وٺي ڇڏيون

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب ۾ ڪارڪنن جي احتجاج جو نوٽيس وٺندي 21 اميدوارن کان ٽڪيٽون واپس وٺي ڇڏيون آهن، جڏهن ته ٽڪيٽن واري معاملي تي نظرثاني ڪئي وئي آهي. تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر چيو آهي ته پنجاب جي چونڊن لاءِ پي ٽي آءِ جي 21 اميدوارن کان ٽڪيٽون واپس ورتيون ويون آهن ۽ نون اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ پاران وڌيڪ 9 اميدوارن کي به ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن، اهي ٽڪيٽون انهن سيٽن تي آهن، جن تي پهريان ٽڪيٽون جاري نه ڪيون ويون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button