اسلام آبادپاڪستان

اسپيڪر جو چيف جسٽس کي خط،ميمبرن جي خدشن کان آگاهي

اسلام آباد :قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيف جسٽس ۽ ٻين ججن کي خط لکي ميمبرن جي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ راجا پرويز اشرف جو چوڻ هو ته ملڪ بدامني جي ور چڙهيل آهي، ميمبرن جا جذبا ۽ احساس سپريم ڪورٽ جي ججن تائين پهچائيندس. هن چيو ته ميمبرن جي جذبن جي عڪاسي ڪرڻ لاءِ چيف جسٽس ۽ ٻين ججن کي خط موڪليندس، جنهن ۾ اسيمبلي ميمبرن جي ترجماني ڪئي ويندي. ان کان اڳ مسلم ليگ ن جي ميمبر قومي اسيمبلي ۽ وفاقي وزير برجيس طاهر چيو آهي ته استحقاق ڪميٽي ۾ ڪنهن کي به سڏائڻ جو اختيار اسان وٽ آهي، اسان نٿا چاهيون ته ججن کي استحقاق ڪميٽي ۾ سڏيو وڃي، اڳوڻي صدر فاروق لغاري کي به سڏايو هو. هن چيو ته اسان جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سفارش ڪئي هئي ته فنڊ نه ڏنا وڃن، جڏهن ايوان قرارداد ۽ قانون پاس ڪري چڪو آهي، جيڪو به قرارداد يا قانون تي عمل نه ڪندو، ان کي پارليامينٽ جي توهين چئي سگهجي ٿو. برجيس طاهر مطالبو ڪيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي صورتحال کان آگاهه ڪري يا چيف جسٽس ٻڌائي ته هو قانون سازي کي اڏائي رهيو آهي، پو اسان گهر هليا وڃون. هن چيو ته قرارداد ۽ قانون پاس ڪرڻ جو اختيار رڳو هن ايوان کي آهي، هن 3 رڪني بينچ عدالت ۽ پارليامينٽ ٻنهي جي توهين ڪئي آهي، هن پارليامينٽ لاءِ اسان جون جانيون قربان ڪرڻ کان به نه ڪيٻائينداسين. برجيس طاهر جي تقرير تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيف جسٽس ۽ ٻين ججن کي خط لکڻ بابت ايوان کان سندن راءِ طلب ڪئي، جنهن تي ميمبرن ميزون وڄائي پنهنجي راءِ ڏني ۽ پوءِ راجا پرويز اشرف خط لکڻ جو اعلان ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button