سنڌ

جيڪب آباد ۾ پوليس پارٽي تي ڏوهارين جو حملو، سب انسپيڪٽر سميت 6 اهلڪار شهيد، 2 زخمي

جيڪب آباد ۾ مغوي نوجوان جي بازيابي لا آپريشن دوران ڏوهارين پوليس پارٽي تي حملو ڪري ڏنو، جنهن سبب هڪ سب انسپيڪٽر سميت 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ ٻن اهلڪارن کي سخت زخمي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب بلوچستان جي علائقي تاجپور جمالي جي رهواسي ۽ اوستا محمد بلوچستان ۾ رائيس مل جي مالڪ محمد اسلم سومرو جي نوجوان پٽ فرقان سومرو کي ڌاڙيل اغوا ڪري جيڪب آباد طرف کڻي ويا، جنهن جي بازيابي لا ايس ايس پي جعفرآباد حسنين اقبال پنهنجي اڳواڻي ۾ وڏي پوليس نفري ساڻ ڪري جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد داداپور جاگير واري علائقي ۾ آپريشن شروع ڪيو ته اغوا ڪندڙن جديد هٿيارن سان پوليس مٿان حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ انسپيڪٽر سميت 6 اهلڪار شھيد ۽ ٻه زخمي ٿي پيا آهن. ڌاڙيلن جي اهڙي حملي ۽ نقصان بابت ٻڌندي جيڪب آباد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪيو، بلوچستان پوليس جي شھيد اهلڪارن جا لاش ۽ زخمي ٿيل جوانن کي جيڪب آباد سول اسپتال پهچايو ويو، جتي تصديق ڪئي وئي ته شھيد اهلڪارن ۾ بلوچستان پوليس جو سبب انسپيڪٽر محمد طيب عمراڻي، پوليس عملدار اي ٽي ايف سبي نثاراحمد، پي سي عبدالوهاب پيچوهو، پي سي محمد عثمان، پي سي رياض حسين سولنگي، پي سي سيد خادم حسين شاھه شامل آهن، جڏهن ته ٻه ڄڻا پي سي حسين علي ۽ پي سي الطاف علي زخمي ٿيل هئا جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر ثمير نور چنا خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته شهيد اهلڪارن جو تعلق بلوچستان جي ضلعي جعفرآباد ۾ اوستا محمد ٿاڻي سان هو، شهيد اهلڪارن ۾ اوستا محمد ٿاڻي جو سب انسپيڪٽر طيب عمراڻي، ڪانسٽيبل نثار احمد ۽ عبدالوهاب شامل آهن، حملو ان وقت ڪيو ويو جڏهن ته بلوچستان جي پوليس پارٽي مغوي نوجوان جي بازيابي لا اچي رهي هئي. ڊي آ جي نصيرآباد منير احمد شيخ ٻڌايو ته مغوي فرقان سومرو جي بازيابي تائين گڏيل آپريشن جاري رهندو. هن چيو ته اوستا محمد ٽائون ۾ رائيس مل مالڪ اسلم سومرو جي پٽ فرقان کي هڪ ڏينهن اڳ جعفرآباد مان اغوا ڪيو ويو هو، اغوا ۾ مٺو شاهه ۽ جکراڻي گينگ ملوث هئا، سنڌ حڪومت اڳيئي ڄاڻايل جوابدارن جي سر تي 30 لک رپيا انعام جو اعلان ڪري چڪي آهي. ڊي آ جي وڌيڪ چيو ته سنڌ پوليس جي سهڪار سان آپريشن جو دائرو اڃا به وڌايو ويو آهي ۽ ضرورت پوڻ تي وڌيڪ نفري اسٽينڊ با تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button