رانديون

ڀارتي بورڊ پاران آئي سي سي کان 1.3 بلين ڊالر وٺڻ جي ڪوشش

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ آئي سي سي کي ٿيندڙ آمدني مان 1.3 بلين ڊالر پنهنجي حصي طور وٺڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڀارتي بورڊ جي هڪ عهديدار نالو ٻڌائڻ بنا انڪشاف ڪيو آهي تھ آئي سي سي کي ٿيندڙ آمدني جو وڏو حصو مان آهي، تنهنڪري اسان آمدني مان 37 سيڪڙو حصو گهريو آهي، جيڪو 1.3 بلين ڊالر ٿئي ٿو، جيڪي پاڪستاني رپين ۾ 36 ارب 83 ڪروڙ رپيا ٿين ٿا. جڏهن تھ هن وقت بي سي سي آئي کي آئي سي سي وٽان 36.3 ملين ڊالر يعني هڪ ارب 15 ڪروڙ رپيا ملندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button